سنڌ هاري ڪاميٽي
سنڌ هاري ڪاميٽي (انگريزي: Sindh Hari Committee)، کاٻي ڌر جي سنڌي قومپرست هئي. هن تنظيم جو مقصد سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. هن تنظيم جو بنياد 1930ع ۾ جي ايم سيد وڌو.[1] جي.ايم سيد, ڄيٺ مل پرسرام, جمشيد مھتا, شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پير الاھي بخش پھريان ھاري ليڊر ھئا.
1937,38,39ع محمد امين خان کوسو سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر رھيو.
ٻي ھاري ڪانفرنس 1 ڊسمبر1938ع تي ٽنڊو ڄام ۾ زير صدارت محمد امين خان کوسو جي ٿي. قادر بخش نظاماڻي ، مولوي محمد معاذ نوابشاه وارو ، مولوي عزيزالله جروار ، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر ، وڏيرو ارباب نور محمد پليجو ھاري ڪاميٽيءَ جا سرگرم رھنما رھيا آھن.
1947ع تي، حيدر بخش جتوئي هن تنظيم جو صدر ٿيو ۽ سندس وفات 1970ع تائين هن جو صدر رهيو.[2] 1957ع تي هن تنظيم کي ختم ڪري نيشنل عوامي پارٽي ۾ ضم ڪيو ويو هو. <ref>Progressive Movements in Pakistan Collection, International Institute of Social History website, accessed 27 June 2010</ref
حوالا
[سنواريو]- ↑ Oskar Verkaaik, Migrants and Militants: Fun and Urban Violence in Pakistan, Princeton University Press, 2004, pg. 31
- ↑ Zubeida Mustafa, Champion of haris’ rights, Dawn (newspaper), 2 June 2010
تاريخي شخصيتون | |
---|---|
ويھين ۽ اڪويھين صدي جو شخصيتون | |
ثقافت | |
شاعر | |
ھاڻوڪو دور تنازعا |
|
جنگيون ۽ تنازعا |
|
سياسي جماعتون |
|
شاگرد تنظيمون | |
عسڪريت پسند تنظيمون | |
غير منافع بخش تنظيمون |
|
Text is available under the CC BY-SA 4.0 license; additional terms may apply.
Images, videos and audio are available under their respective licenses.