For faster navigation, this Iframe is preloading the Wikiwand page for تاجل بيوس.

تاجل بيوس

تاجل بيوس (انگريزي:Tajal Bewas) (جنم:22 سيپٽمبر 1938ع- وفات: 13 ڊسمبر2008ع) سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر ۽ ليکڪ هو.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد ولد محمد جعفر سمو هو. ھو 22 سيپٽمبر 1938ع تي ڳوٺ درگاھ پير حيات شاھ، تعلقي سوڀي ديري، ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم نورپور ۽ ڀونڀٽ پور اسڪولن مان حاصل ڪيائين، جڏهن تہ ثانوي تعليم گنبٽ هاءِ اسڪول مان ۽ گرئجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين. بعد ۾، ايم. اي (اقتصاديات)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪرڻ کان پوءِ جپان، ٿائيلينڊ ۽ آمريڪا مان مختلف ڪورس ڪري آيو. تاجل بيوس 1960ع ۾ انگريزي استاد طور ملازمت جي شروعات ڪئي، بعد ۾ سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن/ڪمپنين ۾ انويسٽيگيٽر، ريسرچ آفيسر، اسسٽنٽ چيف، ڊپٽي چيف، چيف ۽ رجسٽرار جي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. مرڪزي حڪومت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري رهيو. ڪارپوريٽ لا اٿارٽيءَ ۾ رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. ان بعد شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ڪجهه عرصي لاءِ وائيس چانسلر جو صلاحڪار پڻ رهيو. تاجل بيوس ڪجهه عرصو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر بہ رهي چڪو آهي. تاجل بيوس شاعريءَ سان گڏوگڏ ڪهاڻيون، ڪالم ۽ مضمون بہ لکيا. سندس هفتيوار ڪالم ”عوامي آواز“ سميت مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا.تاجل بيوس جي مشهور ڪلام ”سنڌ منهنجي امان، سُونهن تنهنجي مٿان، ڇا لکِي، ڇا لِکان“ سنڌ توڙي هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هند ۾ ان کي ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي تراني ”آنڌيءَ ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي“ وانگر اهميت حاصل آهي. تاجل بيوس کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترا مڃتا اوارڊ مليا شاعري (سنڌي ٻولي/اردو)، سفرنامن، آتم ڪٿا ۽ مختلف موضوعن تي سندس 44 ڪتاب لکيل آهن. [1][2]

ڪتاب

[سنواريو]
  1. ”جڏهن ڀونءَ بڻي“ (شاعري: 1982ع)،
  2. ”انبن جهليو ٻُور“ (شاعري: 1983ع)،
  3. ”سرجيندڙ ساڻيھ جا“ (شاعري:1985ع)،
  4. ”سنڌ منهنجي امان“ (شاعري:1989ع)،
  5. ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ (نثري نظم:1990)،
  6. ”ڪنڌيءَ ڪنئور ترن“ (شاعري:1991ع)،
  7. ”ڏور بہ اوڏا سپرين“ (ڀارت جو سفرنامو:1992ع)،
  8. ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا“ (شاعريءَ: 1992ع)،
  9. ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ (9 شعري مجموعا گڏ)،
  10. تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل:1996ع)،
  11. ”آريجن کان الهاس نگر“ (هند سنڌ جي اديبن جا خط)،
  12. ”چپ انجيل جي حاشين جهڙا“ (هڪ سئو غزل: 2003ع)،
  13. ”تاجل جو رسالو“ (شاعري 2006ع)،
  14. ”انداز بيان اور“ (اردو شاعري)،
  15. ”گلابون ڪي موسم“ (اردو شاعري).[1]

وفات

[سنواريو]

سنڌ جي هن شاعر، دماغي نس ڦاٽڻ (برين هيمريج) سبب 13 ڊسمبر 2008ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھ چوڪنڊي قبرستان، ڪراچيءَ ۾ آهي.[1][3]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 تاجل بيوس انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.
  2. Sindhipeoples. "سنڌي شخصيتون: تاجل بيوس". سنڌي شخصيتون. حاصل ڪيل 2020-01-25. 
  3. "Tajal Bewas dies at 70". The Nation. حاصل ڪيل 2020-01-25. 
{{bottomLinkPreText}} {{bottomLinkText}}
تاجل بيوس
Listen to this article

This browser is not supported by Wikiwand :(
Wikiwand requires a browser with modern capabilities in order to provide you with the best reading experience.
Please download and use one of the following browsers:

This article was just edited, click to reload
This article has been deleted on Wikipedia (Why?)

Back to homepage

Please click Add in the dialog above
Please click Allow in the top-left corner,
then click Install Now in the dialog
Please click Open in the download dialog,
then click Install
Please click the "Downloads" icon in the Safari toolbar, open the first download in the list,
then click Install
{{::$root.activation.text}}

Install Wikiwand

Install on Chrome Install on Firefox
Don't forget to rate us

Tell your friends about Wikiwand!

Gmail Facebook Twitter Link

Enjoying Wikiwand?

Tell your friends and spread the love:
Share on Gmail Share on Facebook Share on Twitter Share on Buffer

Our magic isn't perfect

You can help our automatic cover photo selection by reporting an unsuitable photo.

This photo is visually disturbing This photo is not a good choice

Thank you for helping!


Your input will affect cover photo selection, along with input from other users.

X

Get ready for Wikiwand 2.0 🎉! the new version arrives on September 1st! Don't want to wait?