For faster navigation, this Iframe is preloading the Wikiwand page for پنجابي ٻولي.

پنجابي ٻولي

پنجابي ٻن رسم الخطن ۾؛ مٿي اردو (نستعليق) ۽ ھيٺ گرمکي۔
پنجاب

پنجابي (Punjabi language، شاھ مکي، گرمکي ਪੰਜਾਬੀ) ھڪ ھند يورپي ٻولي آھي، جيڪا پنجاب ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. پنجابي باشندگانِ پنجاب ۾ مروّج آھي. پنجابي ڳالھائڻ وارن ۾ ھندو مت، سک مت، اسلام ۽ مسيحيت جا پيروڪار شامل آھن. اول الذڪر مذھب کانسواءِ باقي ٽنھي مذھبن ۾ ھن زبان کي خاص حيثيت حاصل رھي آھي. پاڪستان ۽ ھندستان ۾ ڪيل ڳڻپ جي مطابق دنيا ۾ پنجابي ڳالھائڻ وارن جو انگ(تعداد) 14 کان 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي. ھن ٻوليء جا تمام گھڻا لھجا آھن، جن مان ماجھي لھجي کي ٽڪسالي مڃيو وڃي ٿو. ھي لھجو پاڪستان ۾ لاهور، شيخوپورا، گوجرانوالہ جي طرفن ۾ جڏھن تہ ھندستان ۾ امرتسر ۽ گورداسپور جي ضلعن ۾ مشتعمل آھي جتي اھو واپرائجي اھو. ايس.آءِ.ايل نزاديہ جي 1999ع جي ڳڻپ جي مطابق پنجابي ۽ ھندي دُنيا ۾ يارھين سڀ کان وڌيڪ ڳالھائي ويندڙ ٻولي آھي۔

جاگرافيائي پکيڙ

[سنواريو]

پنجابي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالھائي ويندڙ ٻولي آھي۔ ھي ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي جي مادري ٻولي آھي، جڏھن تہ 75 سيڪڙو پاڪستاني هيءَ ٻولي ڳالھائڻ ڄاڻن ٿا۔ پاڪستان ۾ پنجابي ڳالھائڻ وارن جي تعداد  12 ڪروڙن جي لڳ ڀڳ آھي۔ ان جي برعڪس(اُڀتڙ) ھندستان جي آبادي جو بس 3 سيڪڙو ئي پنجابي ڄاڻي ٿو۔ تنھن ھوندي بہ پنجابي ھندستان جي رياست پنجاب جي سرڪاري ٻولي آھي، جڏھن تہ پاڪستان ۾ پنجابي کي ڪنھن به قسم جي سرڪاري پٺڀرائي حاصل ناھي۔ وڌيڪ اھو تہ پنجابي کي ھندستاني رياستن ھرياڻہ ۽ دھلي ۾ ٻين ٻولي جي حیثیت حاصل آھي۔

پنجابي آمريڪا، آسٽريليا، برطانيا ۽ ڪئناڊا ۾ اقليتي زبان جي طور تي ڳالھائي وڃي ٿي۔ پنجابي ڀنگڙي ۽ موسيقي جي وساطت(ذريعي) سان بہ ڪافي عالمي مقبوليت ماڻي آھي۔

تاريخ

[سنواريو]

پنجابي ٻولي جو جدت (اختراع) اپڀرمش پراڪرت زبان سان ٿي آھي۔ ھن ٻوليء ۾ ادب جو آغاز بابا فريد الدين گنج شڪر کان ٿئي ٿو۔ پوءِ سک مت جي باني بابا گرو نانڪ جو نالو اچي ٿو۔ سکن جي پنجين گرو ارجن ديو گرو گرنٿ صاحب جي تاليف (ٺاهه جوڙ) ڪئي ھئي۔ ھي ڪتاب گرمکي رسم الخط ۾ لکيو ويو ھو ۽ ان ۾ پنجابي کان کانسواءِ برج ڀاشا ۽ کڙي ٻولي جو بہ استعمال ڪيو ويو آھي۔

پندرھين کان اڻويھين صدين جي وچ ۾ مسلمان صوفي بزرگن پنجابي ٻولي بي مثال منظوم تحريرون(لکتون) رقم ڪيون۔ سڀ کان مقبول بزرگن ۾ بابا بلھي شاھ شامل آھي۔ ھن جي شاعري ڪافين تي مشتمل آھي۔ قصي خواني به پنجابي ادب جي ھڪ مقبول صنف آھي۔ سڀ کان مشھور قصو ھير ۽ رانجھي جي محبت جو قصو آھي جيڪو وارث شاھ جي قلم سان رقم ٿي ڪري امر ٿي چڪو آھي۔ ٻين صوفي شاعرن ۾ شاھ حسين، سلطان باھو، شاھ حسين ۽ خواجہ فريد شامل آھن۔

ھندستان جي ورھاڱي جو سڀ کان وڏو اثر پنجابي ٻولي تي پيو۔ ھڪ طرف ھندو پنجابي جيڪي صدين کان پنجابي ڳالھائيندا ھئا ھاڻ ھندي کي پنھنجي مادري ٻولي چورائڻ لڳا۔ پاڪستان ۾ پنجابي کي ڪنھن قسم جي سرڪاري حيثيت نہ ڏني وئي، جڏھن ھندستان ۾ پنجابي کي سرڪاري حيثيت ڏيڻ جي راھ ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون۔ پر ھن وقت رياست پنجاب ۾ پنجابي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي آھي۔

پنجابي جي جديد اديبن ۾ موھن سنگھ، شو ڪمار بٽالوي، امرتا پريتم، سرجيت پاتر (ھندوستان کان)، منير نيازي، انور مسعود، ۽ منو ڀائي (پاڪستان کان) شامل آھن۔

پنجابي جا شاعر

[سنواريو]
  • وارث شاھ
  • ھاشم شاھ
  • منير نيازي
  • امرتا پريتم
  • انور مسعود
  • ميان محمد بخش
  • بابا بلھي شاھ
  • بابا نجمي

پڻ ڏسو

[سنواريو]

تصويرون

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
{{bottomLinkPreText}} {{bottomLinkText}}
پنجابي ٻولي
Listen to this article

This browser is not supported by Wikiwand :(
Wikiwand requires a browser with modern capabilities in order to provide you with the best reading experience.
Please download and use one of the following browsers:

This article was just edited, click to reload
This article has been deleted on Wikipedia (Why?)

Back to homepage

Please click Add in the dialog above
Please click Allow in the top-left corner,
then click Install Now in the dialog
Please click Open in the download dialog,
then click Install
Please click the "Downloads" icon in the Safari toolbar, open the first download in the list,
then click Install
{{::$root.activation.text}}

Install Wikiwand

Install on Chrome Install on Firefox
Don't forget to rate us

Tell your friends about Wikiwand!

Gmail Facebook Twitter Link

Enjoying Wikiwand?

Tell your friends and spread the love:
Share on Gmail Share on Facebook Share on Twitter Share on Buffer

Our magic isn't perfect

You can help our automatic cover photo selection by reporting an unsuitable photo.

This photo is visually disturbing This photo is not a good choice

Thank you for helping!


Your input will affect cover photo selection, along with input from other users.

X

Get ready for Wikiwand 2.0 🎉! the new version arrives on September 1st! Don't want to wait?