For faster navigation, this Iframe is preloading the Wikiwand page for ٽيٽيهر.

ٽيٽيهر

ٽيٽيهر
وينيلس انڊيڪس انڊيڪس (انڊيا)
Calls
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): وينيلس
جنس: Template:Taxonomy/وينيلس{. انڊيڪس
حياتياتي نالو
وينيلس انڊيڪس
(پيٽر بوڊئيرٽ, 1783)
ورھاست جو دائرو

ٽِيٽيهَرَ: سنڌ جي ھڪ عام پکي جو نالو آھي. هن جون ٽنگون ڊگهيون ۽ سنهيون ٿينديون آهن. ٿر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جون سنهيون ٽنگون هونديون آهن ته چوندا آهن ته ”ٽنگون ته ڏسوس، جهڙيون ٽيٽيهر جون“. هيءَ پلي صبح ۽ شام جي وقت ميدانن ۾ ڏسبو آهي. کيڙيءَ ۾ آڻا لاهي ۽ آرام ڪري. ٿر ۾ هن جو ماڻهو شڪار ڪندا آهن[2].35 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ٽيٽيهر جا نرماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جو مٿو، ڪنڌ، ڳچي ۽ گلو ڪارو ٿئي ٿو. اک کان ڪياڙيءَ وٽان ڪلهن کان ٿيندو پيٽ ۽ سڄو هيٺيون حصو اڇو ٿئيس. نَڪ تي ڳاڙهي پاپڙي ۽ پٺي ۽ پَـر سليٽي رنگ جا اٿس. پَـرن تي ڪي قدر ڪٿئيرنگ جا چمڪدار کنڀ ٿين ٿا.

رهائش

[سنواريو]

هي پکي پوکن ۽ کليل ڇَر وارن علائقن ۾ عام ٿئي ٿو. ٻوليءَ ۾ شور اٿس ۽ هڪ ئي وقت ۾ چار زوردار ڦرڻيون چيخون ڪندو آهي. اڪثر جوڙيءَ ۾ ڏسبو آهي. اڏام جو ڍرو آهي، جيئن اڪثر ٻين ٽيٽن جي اڏار هوندي آهي. گول پَـر زور سان ڦڙڪائيندو آهي.

نسل جي واڌويجھ

[سنواريو]

مادي، زمين يا گاھ تي ٽي چار چٽڪمرا آنا ڏيندي آهي. ٽيٽهر 28 کان 30 ڏينهن آرو ڪندي آهي. ۽ نر آنن جي حفاظت ۾ سندس مدد ڪندو آهي.

کاڌ خوراڪ

[سنواريو]

ٽيٽيهر مک طور ننڍڙا جيت کائيندو آهي پر سندس خوراڪ جو ڪجهه حصو اناج پڻ آهن.

تصويرون

[سنواريو]

ثقافت جو حصو

[سنواريو]

ٽيٽيھر تي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي آھي ھتي ھڪ مثال پيش ڪجي ٿو.

نيري اڀ تي، تتر کيڙي.
ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي،
سَت رنگي ڄڻ آهي هولي.
ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي،
ڪونجون پنهنجا کيپَ کڻي.
ساڻ ڪنهن جا گيت ڪري،
نيري اُڀ جي سمنڊ اندر،
لڙهنديون وڃن، ترنديون وتن،
نيري اڀ تي، تتر کيڙي.
ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي.

ٽيٽهر جي ٻولي بابت لوڪ سنڌي چوڻيون

  • ٽيٽيهر پاران رات جو بيگاھ وقت تي ٻولڻ ڪنهن اجنبي جو گهر، پاڙي يا علائقي ڀرسان لنگهڻ جو اطلاع هوندو آهي. پوءِ ان مان ڪو کڻي ڪهڙو بہ مطلب ڪڍي!
  • ٽيٽيهر پنج آنا لاهي تہ برسات وسندي گنج، چار لاهي تہ چوکو چوکو (سٺو سٺو)، ٽي آنا ته ٽپي ٽپي (ڪٿي ڪٿي)، ٻه ته مينهن وسندو ٻائيڙو (ملڪ ٻوڙ)
  • ٽيٽيهر واري ٽين ٽين لڳي پيئي آهي. مطلب تہ جيڪو ماڻهو گهڻيون ٻٽاڪون هڻي، پر ڪجهه به ڪم ڪري نه ڏيکاري، تنهن لاءِ چئبو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. بقرة
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
{{bottomLinkPreText}} {{bottomLinkText}}
ٽيٽيهر
Listen to this article

This browser is not supported by Wikiwand :(
Wikiwand requires a browser with modern capabilities in order to provide you with the best reading experience.
Please download and use one of the following browsers:

This article was just edited, click to reload
This article has been deleted on Wikipedia (Why?)

Back to homepage

Please click Add in the dialog above
Please click Allow in the top-left corner,
then click Install Now in the dialog
Please click Open in the download dialog,
then click Install
Please click the "Downloads" icon in the Safari toolbar, open the first download in the list,
then click Install
{{::$root.activation.text}}

Install Wikiwand

Install on Chrome Install on Firefox
Don't forget to rate us

Tell your friends about Wikiwand!

Gmail Facebook Twitter Link

Enjoying Wikiwand?

Tell your friends and spread the love:
Share on Gmail Share on Facebook Share on Twitter Share on Buffer

Our magic isn't perfect

You can help our automatic cover photo selection by reporting an unsuitable photo.

This photo is visually disturbing This photo is not a good choice

Thank you for helping!


Your input will affect cover photo selection, along with input from other users.

X

Get ready for Wikiwand 2.0 🎉! the new version arrives on September 1st! Don't want to wait?