For faster navigation, this Iframe is preloading the Wikiwand page for جنيد بغدادي.

جنيد بغدادي

جنيد بغدادي
(فارسي ۾: جنید بغدادی خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
ڄم سال 830 [1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
بغداد [3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 13 اپريل 910 (79–80 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
بغداد   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
رهائش بغداد   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت خلافت عباسيہ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
نمايان شاگرد منصور الحلاج   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شاگرد (P802) وڪي ڊيٽا تي
پيشو فلسفي ،شاعر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي فارسي ٻولي ،عربي ٻولي [4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

مشهور جيَد عالم حضرت جنيد بغداديءَ جو جنم 830ع ڌاري ٿيو.[5]

تعليم

[سنواريو]

هن شروعاتي تعليم پنهنجي مامي ۽ مرشد حضرت سري سقطيءَ کان حاصل ڪئي. فقھ جي تعليم ابو ثودادر کان ۽ تصوف جي تعليم حارث مجاسيءَ کان حاصل ڪيائين.[5]

مرتبو

[سنواريو]

کيس ’صوفين جي سردار‘ جو لقب مليل آهي. پاڻ شريعت جي طريقن سان گڏ حقيقت جو شناسا هو، کيس مجتهد جو درجو به حاصل هو. اسلام جي به تبليغ ڪيائين ۽ جهاد ۾ به حصو ورتائين. سري سقطي، حضرت جنيدرحه جي باري ۾ چيو آهي ته ”حضرت جنيد بغداديرحه همه تن درد ۽ عشق آهن.“ جنيد بغدادي 7 سالن جي عمر ۾ پنهنجي مرشد سان حج تي ويو. اتي سڀني حاجين کي شڪراني جا لفظ ادا ڪرڻا هئا ته ان موقعي تي جڏهن سندس وارو آيو ته هن چيو: ”الله تعاليٰ جيڪا نعمت توهان کي ڏني آهي، ان جي نافرماني نه ڪريو ۽ نعمت کي مصيبت جو ذريعو نه بڻايو“. تصوف جي باري ۾ سندس چوڻ هو ته”هن رستي تي اهو هلي سگهي ٿو، جيڪو الله جي ڪتاب کي سڄي هٿ ۾ کڻي ۽ سنت مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کي کٻي هٿ ۾ کڻي، انهن ٻنهي شين جي روشنيءَ ۾ هلڻ وارو شڪ ۽ شبهي جي ڪنهن کڏ ۾ نه ڪرندو، يا بدعت جي اونداهيءَ ۾ نه ڀٽڪندو.“ جنيد بغداديءَ جي پهرئين شاگرد منصور بن حلاج کانئس پنهنجي موت جي باري ۾ پڇيو، ان تي حضرت جنيد رح وراڻيو: ”ظاهري طرح تنهنجو موت پيو نظر اچي، پر باطن جو ڳجهه مالڪ ئي ڄاڻي.“[5]

عبديت جون خصلتون

[سنواريو]

جنيد بغداديءَ جي عبديت جون ٻه خصلتون آهن:[5]

  1. ماڻهوءَ کي هر ظاهر ۽ باطن ٻنهي ۾ راضي رهڻو آهي ۽ چوڻو آهي ته منهنجا موليٰ! جيڪا تنهنجي رضا اها منهنجي رضا، جتي تون چاهين، اتي رک، ڇو ته تنهنجي رضا ۾ ئي منهنجي رضا آهي.
  2. رسول الله صلي الله عليه وسلم سان پوري محبت ڪرڻ، سندن حڪمن جي پيروي ڪرڻ ۽ پنهنجي خيال جي حفاظت ڪرڻ.

نفس کي فنا ڪرڻ

[سنواريو]

جنيد بغداديءَ مطابق جيستائين ڪو ماڻهو پنهنجي دنياوي خواهشن ۽ نفس کي ’فنا‘ نٿو ڪري، تيستائين هو خدا جي رستي تي نٿو هلي سگهي. هن جو چوڻ هو ته جڏهن ڪڻڪ جو داڻو مٽيءَ سان ملندو آهي تڏهن پنهنجو ظاهري ۽ حقيقي وجود وڃائي ويهندو آهي، پر وري جڏهن نروار ٿيندو آهي ۽ زمين مان تيار ٿي نڪرندو آهي، تڏهن ڪنهن ٻئي رنگ ۾ هوندو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن خدا جي راهه ۾ هلڻو آهي ته پنهنجي نفس کي فنا ڪرڻو پوندو. هن جي تعليمات موجب: نفس کي ٽن طريقن سان وس ۾ ڪري سگهجي ٿو:[5]

  1. انا يعني ”مان ۽ منهنجي“ کي ختم ڪرڻ.
  2. عيش ۽ آرام کي ختم ڪري، درد ۽ عشق جي راهه وٺڻ.
  3. ظاهريت تي باطنيت کي فوقيت ڏيڻ ۽ ظاهر کي باطن جو ذريعو سمجهي، حقيقي علم تائين پڄڻ.
  4. تصوف جو مطلب پنهنجي نفس کي دنياوي شين کان پاڪ ڪرڻ آهي.

وفات

[سنواريو]

هن جي جيَد عالم 910ع ڌاري وفات ڪئي.[5]

حوالا

[سنواريو]
  1. Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb11906538c — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
  2. GND ID: https://d-nb.info/gnd/119235277 — اخذ شدہ بتاریخ: 15 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
  3. عنوان : Багдади Джунайд — شائع شدہ از: Islamskiy enciklopedicheskiy slovar
  4. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb11906538c — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 5.4 5.5 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
{{bottomLinkPreText}} {{bottomLinkText}}
جنيد بغدادي
Listen to this article

This browser is not supported by Wikiwand :(
Wikiwand requires a browser with modern capabilities in order to provide you with the best reading experience.
Please download and use one of the following browsers:

This article was just edited, click to reload
This article has been deleted on Wikipedia (Why?)

Back to homepage

Please click Add in the dialog above
Please click Allow in the top-left corner,
then click Install Now in the dialog
Please click Open in the download dialog,
then click Install
Please click the "Downloads" icon in the Safari toolbar, open the first download in the list,
then click Install
{{::$root.activation.text}}

Install Wikiwand

Install on Chrome Install on Firefox
Don't forget to rate us

Tell your friends about Wikiwand!

Gmail Facebook Twitter Link

Enjoying Wikiwand?

Tell your friends and spread the love:
Share on Gmail Share on Facebook Share on Twitter Share on Buffer

Our magic isn't perfect

You can help our automatic cover photo selection by reporting an unsuitable photo.

This photo is visually disturbing This photo is not a good choice

Thank you for helping!


Your input will affect cover photo selection, along with input from other users.

X

Get ready for Wikiwand 2.0 🎉! the new version arrives on September 1st! Don't want to wait?